سنڌ جو ڊيلٽائي علائقو

سنڌ جو ڊيلٽائي علائقو

سنڌ جو سامونڊي علائقو

سنڌ جو سامونڊي علائقو

ٿر جو علائقو

ٿر جو علائقو

ناري جو علائقو

ناري جو علائقو

ڪوهستاني علائقو

ڪوهستاني علائقو

سنڌ جي جاگرافي

سنڌ جي جاگرافي (Geography of Sindh):
سنڌ پرڳڻو، اپکنڊ (سنڌ تاسر: Indian Plate) جي ڏکڻ ڪنڊ وارو اهو زميني حصو آهي، جيڪو اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 23 ۽ 28 درجن ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي 66 ۽ 71 درجن جي وچ ۾ موجود آهي. ان جي اتر کان ڏکڻ تائين ڊيگهه 360 ميلن جي لڳ ڀڳ ٿيندي ۽ ويڪر 170 ميل آهي. ان جي وچ مان وهندڙ ’سنڌوندي‘ (River Indus) اُن کي ٻن ڦاڪن ۾ ورهائي ٿي. ان نديءَ پنهنجي لٽ سان سنڌ جو ميداني علائقو لکين، ۽ ڪروڙين سالن دوران جوڙيو آهي.
’رچرڊ برٽن‘، سنڌ جي جاگرافيائي حدن بابت لکي ٿو ته، ”اهو علائقو، جنهن کي يوناني ’سنڌومان‘، پراچين هندو ’سنڌو ديش‘، عرب جاگرافي نويس ’سنڌ‘ ۽ سندس هاڻوڪا رهواسي ’سنڌ‘ جي نالي سان سڏيندا آهن، ان جون حدون هي آهن: اتر طرف بهاولپور جو علائقو، ڏکڻ طرف عربي ۽ هندي وڏو سمنڊ، اوڀر طرف وارياسا ’رڻ پٽ‘ ۽ الهندي ۾ کيرٿر ۽ ان سان لاڳاپيل جبلن جون قطارون، جن کي يورپ وارن جي غلطيءَ سبب ’هالار جبلن‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.“
’سر ايڇ. ايليٽ‘، ’هالار جبل‘ کي ’هاڙهو‘ قرار ڏئي ٿو، جيڪو سنڌ جي ميداني علائقي کي قلات کان ڌار ڪري بيهاري ٿو. سنڌ جي الهندي واري جابلو سلسلي ۾ لڪي، کيرٿر، ٺري، گاج ۽ منڇر سلسلا موجود آهن، جن کي گڏي ’کيرٿر سلسلو‘ ڪوٺيو وڃي ٿو، جڏهن ته اهي جبل جوڙجڪ، بيهڪ، دور ۽ زماني جي حساب سان الڳ الڳ ڄمار رکن ٿا.
الهندي وارن جبلن جي هن سلسلي کي سنڌ واسي ’کيرٿر
جابلو سلسلو‘ (Khirther Mountain Range) چون ٿا. هي جابلو سلسلو
’زمين جي جيالاجيڪل (ڀون ڄاڻڪاري) ماپي‘ (Geological Scale of Earth) موجب ’پربت جيڏن جانورن واري زماني‘ (Jurassic Era) يعني اٽڪل روءِ 13 ڪروڙ 60 لک ورهيه (136 million years) اڳ پوري ٿيڻ کانپوءِ ’چن ۽ چاڪ واري زماني‘ (Cretaceous Epoch) ۾ جڙي راس ٿيو. هي دؤر 13 ڪروڙن سالن کان هڪ ڪروڙ سالن تائين جاري رهيو. ان دؤر جي وچ ڌاري گلن ۽ ڦرهن وارا ٻوٽا اُسريا، انهيءَ زماني تائين اپکنڊ (سنڌ تاسر)، 5 ڪروڙ ورهيه اڳ گونڊوانا لينڊ (Gondwana Land) مان مڊگاسڪر وٽان ڇڄي ٽيٿئيس سمنڊ (Tethys Sea) ۾ هڪ وڏي ٻيٽ (Great Island) وانگر تري رهيو هو. ان زماني ۾ اپکنڊ اتر طرف هوريان هوريان سُرڻ شروع ڪيو ۽ 4 ڪروڙ 50 ورهيه اڳ اپکنڊ ۽ يورئشئن تاسرن جو ٽڪراءُ (Collasion of Indian Eurosion Plates) ٿيو، جنهنڪري ’ويڙهيدار جوان جابلو سلسلو‘ (Young Folded Mountain Range) هماليا ۽ 5 لک سال اڳ زمين جي اندرين تبديلين جي ڪري ڪئلاش پربت اوچتو اڀريو، جڏهن ته کيرٿر سلسلي جون پراڻيون ٽڪريون ’پربت جيڏن ۽ ريڙهيون پائيندڙ جانورن واري زماني‘ (Jurassic & Triassic Era) جون آهن، جيڪي هن اپکنڊ- يوريشئن تاسرين جي ٽڪراءَ واري زماني ۾ 5000 فوٽ کان وڌيڪ اتاهيون ٿي نروار ٿيون.
کيرٿر، ڪُتي جي قبر، ڪڪريو، ڪارو ۽ پيٽارو: کيرٿر جي سڀ کان اڀي چوٽي ڪُتي جي قبر آهي، جنهن جي اوچائي 7200 فوٽ آهي. هيءَ چوٽي ري جبلن ۽ ڪوئيٽا وارن جبلن کان به اُڀي آهي. هن چوٽيءَ جي اتر طرف ’ڏاڙهياري‘ جبل جو مٿانهون پَٽ آهي، جيڪو سراسري طور سمنڊ کان 6000 فوٽ مٿانهون آهي. ’کيرٿر جابلو سلسلو‘ ٽن جدا جدا نالن سان: ’ڪڪريو، ڪارو ۽ پيٽارو‘ جبلن ۾ ورهايل آهي ۽ اهي هڪٻئي جي سامهون اولهه سنڌ مان لنگهن ٿا. پهرين جابلو قطار ’ڪڪريو‘، کيرٿر جي اوڀر ۾ آهي، جنهن جا پاسا اُڀا، اڙانگا ۽ اولهه طرف لڙيل آهن. ٻي جابلو قطار ’ڪارو‘ وچ وارو مٿانهون پٽ آهي، جنهن جون چوٽيون، سنون ۽ سڌن جابلو ليٽن وانگر آهن، جن جا پاسا گول آهن، ٽين جابلو قطار ’پيٽارو‘، چن جي جبلن جي ڇپن تي آڌاريل آهي.
سنڌ ۾ کيرٿر واري گڏيل جابلو سلسلي واري ڀاڱي کي بلوچي اثر سبب ’ڪوهستان‘ ڪوٺين ٿا، جڏهن ته ڪوهستان هڪ الڳ سلسلو آهي. هن کيرٿر واري ڪوهستان ۾ دادو ۽ ٺٽي ضلعي جا ڳچ حصا اچي وڃن ٿا، لڪيءَ جو جابلو سلسلو 80 ميل ڊگهو ۽ ان جي سراسري اوچائي هڪ هزار فوٽ کن ٿيندي، جن ۾ اوچي ۾ اوچو جبل، ڀت جبل آهي، جنهن جي سراسري اوچائي سمنڊ کان 3000 فوٽ اتاهين آهي. هن سلسلي ۾ ٻه ننڍا جبل ’سورجاڻو‘ ۽ ’سنبوڪ‘ آهن، جن مان نئن بارڻ سانوڻيءَ ۾ پنهنجو رستو جوڙي وهندي اچي ٿي. هنن جبلن جي اتر ۾ اهري، ناريرو ۽ هوٿياڻو جبل نروار بيٺا آهن. هن جابلو سلسلي ۾ ڪي بلوچستان جا جبل به اچي لڳن ٿا، جن ۾ ڇپر، کڏي، همالگ، پٻ، مور، لکڻ، مشهور ۽ پڌرا آهن. 25 ويڪرائي ڦاڪ وٽ اهي سمورا جبل
پٻ جبل جي صورت وٺن ٿا ۽ هلندا وڃي سمنڊ تائين پهچن ٿا.
اڀرندي وارا وارياسا پَٽ: اڀرندي وارا وارياسا پٽ، جيڪي راجسٿان سان وڃي ملن ٿا، سي ڪنهن زماني ۾ ڏاڍا آباد، وسيل ۽ ساوڪ سان ڀرپور علائقا هئا، جتي هاڪڙو، چتانگ ۽ سرسوتي نديون وهنديون هيون. ان وقت ۾ سنڌ کي ٻه وڏا درياهه آباد ڪندا هئا، هڪ اڀرندو درياهه، جيڪو پڪ ئي پڪ هاڪڙو هو ۽ ٻيو الهندو درياهه ’سنڌو‘ آهي، جيڪو ڪڏهن هاڪڙي جي ويجهو ۽ ڪڏهن پرانهون ٿي 20 ۽ 70 ميلن جي وڇوٽي ڏئي الهندي طرف کان وهندو رهيو آهي. هنن درياهن جي ڀرتي ڪندڙ ندين ۾ سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ نديون: ستلج، بياس، راوي، چناب، جهلم هيون، جڏهن ته اڀرندي ڏانهن چتانگ ۽ سرسوتيءَ جا وهڪرا به جاري ۽ ساري هئا. هاڪڙو، ’زميني جڙيل تاسرين جي چرپر‘ (Movement of Tectonics Plates) جي ڪري آيل زلزلن سبب رخ بدلائي يمنا (جمنا) جو ڀراءُ وڃي ٿيو ۽ سنڌ جي ادبي اتهاس ۾ ان جي ياد رڳو هڪ سورٺي ۾ وڃي رهي آهي:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀَڄندي ٻَنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي!
اڀرندي جي هن ريگستاني وارياسي پَٽ کي سنڌ واسي ’ٿر‘ سڏين ٿا. هن خطي ۾ وڏا وارياسا پٽ ۽ ڀٽون آهن، ان جي سراسري ويڪر 50 ميل ٿيندي. هي باراني علائقا آهن ۽ اتان جي زندگي مينهوڳيءَ تي آڌاريل آهي. ٿر جا ڪي حصا ’نارو ڪئنال‘ (Nara Canal) آباد ڪري ٿو. هن وارياسي علائقي جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ وٽ ’ڪارونجهر جبل‘ آهي، جيڪو 12 ميل ڊگهو آهي ۽ ان جي اوچائي 1000 فوٽ ٿيندي. هي جبل ’زمين جي اندرين آتش فشاني لقائن‘ (Volcanic Activities) جي ڪري 5 ارب 70 ڪروڙ ورهيه اڳ وجود ۾ آيو. اصل ۾ ڪارونجهر جبل ڏکڻ هندستان جي اراولي جابلو سلسلي (Aravali Mountain Range) جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن کي ڪڇ ۾ ’ڪارا ڏونگر‘ (Black Mountains) چيو ويندو آهي. هي سلسلو سمنڊ جي اندر تائين هليو وڃي ٿو. گجرات ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ آيل ماضيءَ جا زلزلا ۽ سونامين وارا لقاءَ، هنن جبلن جي اندر هلندڙ آتش فشاني عمل جي ڪري ٿيا هئا.
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ڪارونجهر جبل کي راجستان جي پهاڙي سلسلي جو ڇڄي ڌار ٿيل ٽَڪرَ قرار ڏنو آهي.
سنڌ جو ميداني علائقو: سنڌ جو ميداني علائقو (Alluvial Plain)، جيڪو سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪپن سان لاڳيتو 10 کان 25 ميلن تائين ويڪرو آهي، سو ڪشمور کان وٺي ’عربي/ سنڌي سمنڊ‘ تائين هليو وڃي ٿو. هي انتهائي زرخيز علائقو سال ۾ ربيع ۽ خريف جي ٻن فصلن جي اپت ڏئي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته سال ۾ ٽي فصل به پوکيا وڃن ٿا، جن ۾ ناڻي وارا فصل (Cash Crops) به شامل آهن.
سنڌ ۾ زرعي اپت لاءِ پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري پوکيءَ وارو علائقو (Cultivated area) وڌڻ بدران گهَٽيو آهي. سنڌوندي ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين تي پاڪستان، ڪشمير ۽ انڊيا ۾ انيڪ بند ۽ بئراج جوڙيا ويا آهن. ملڪ ۾ ديامير- ڀاشا ڊئم جڙي رهيو آهي، جڏهن ته تربيلا، منگلاڊئم جوڙڻ سان گڏ ڪيترائي ڪئنال: ٿل ڪئنال، چشما لنڪ ڪئنال وغيره ڪڍيا ويا آهن، جن سنڌ جي حدن ۾ پاڻيءَ جي فطري وهڪري ۽ ڪچي ۾ پاڻيءَ جي اٿل کي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري سنڌوءَ ۾ اهو اڳوڻو ’شينهن درياهه‘ هئڻ وارو اوج نه رهيو آهي ۽ سنڌ جو ڪچو به گهٽ ٻُڏڻ جي ڪري گهٽ آباد ٿئي ٿو، جيڪو مختلف قسم جي ان جي اُپت ۾ تاريخي هاڪ رکندو هو.
سنڌ جو ڊيلٽائي علائقو: سنڌ جو ڊيلٽائي علائقو، سنڌونديءَ جي سترهن (17) ڇاڙهن تي ٻَڌل آهي. سنڌو ڊيلٽا 350 ڪلوميٽرن تي ’مور کنڀ‘ جهڙي صورت ۾ پکڙيل آهي. هن علائقي جي ’سنڌو ڊيلٽائي- منهن‘ (Mouth of Indus Delta) ۾ اٽڪل 300 ننڍا وڏا ٻيٽ آهن، جن اندر ماضيءَ ۾ ملاحن ۽ ميربحرن جا سوين ڳوٺ آباد هئا، اڄڪلهه سنڌونديءَ ۾ پاڻيءَ گهٽ هئڻ ۽ مٺي پاڻيءَ جي کارين تائين گهٽ پهچ هئڻ ڪري مڇي ۽ جهينگن جو نسل ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ ڇهن لکن هيڪٽرن تي ٻَڌل تمر جا ٻيلا، جيڪي انيڪ قسمن جي مڇي ۽ ٻي آبي جيوَت جي ’قدرتي ٻيجاري‘ (Natural Hatcheries) جا مرڪز هئا، سي هاڻي ختم ٿيڻ جي ويجهو اچي پهتا آهن. ڊيلٽائي علائقا ۽ اتي موجود تمر جا ٻيلا هر قسم جي آبي جيوَت سان گڏ انساني پيٽ قوت ۽ جيئدان جو ڪارڻ آهن. تمر جي ٻيلن جي کوٽ جي ڪري ’سنڌ جو ماحولياتي نظام‘ ۽ ’ماحولياتي وايومنڊل‘ (Eco system) بدلجي رهيو آهي.
سنڌ جو سامونڊي علائقو: سنڌ کي تمام ڊگهو سامونڊي ڪنارو آهي، جنهن تي ڪراچيءَ جهڙو عالمي هاڪ رکندڙ شهر ۽ بندر موجود آهي. سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان ماضيءَ ۾ انيڪ قديم بندر: ديبل، ڀنڀور، لاهري، ڪيٽي ۽ علي بندر وغيره موجود رهيا آهن. اڄڪلهه رڳو ڪراچي بندر ئي هڪ وشال بندر جي حيثيت ۾ سنڌ جي ناڻي جي اُپت (Revenue) جو مکيه وسيلو آهي. ان بندر ذريعي سموريءَ دنيا جا واپاري جهاز اچ وڃ ڪن ٿا. پاڪستان جي بحري فوج جو مرڪز به ان شهر ۾ آهي.
سنڌ جا خشڪ علائقا (Arid Zones of Sindh): پاڪستان جي جملي خشڪ زمين جو 17 سيڪڙو سنڌ صوبي ۾ آهي، جنهن کي ’نيم گرم استوائي بيابان‘ (Subtropical) جو درجو ڏئي سگھجي ٿو. سنڌ جي خشڪ زمين 68000 هم چورس ڪلوميٽرن کان سرس ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جنهن کي هڪ جيترن ٽن حصن: ٿر، ناري ۽ ڪوهستان ۾ ورهائي سگھجي ٿو. سنڌ جي جملي جاگرافيائي علائقي 14.09 ملين هيڪٽرن مان 9.28 ملين هيڪٽر چراگاهه آهن ۽ اهي گھڻي ڀاڱي ملڪي ملڪيت آهن، جن کي 1958ع ۾ ’تحفظ ڏنل ٻيلا‘ قرار ڏنو ويو.
(1) ٿر: ٿر جو علائقو 23000 هم چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي ۽ ان جي آدمشماري ارڙهن لکن جي لڳ ڀڳ آهي. سنڌ جي هن علائقي جو وڏو حصو ٿرپارڪر ضلعي ۾ آهي، باقي عمرڪوٽ ضلعي سان واسطو رکي ٿو. ٿرپارڪر ضلعو ڏکڻ طرف ڪڇ جي رڻ سان ملي ٿو ۽ هندستاني وڏي ريگستان جو هڪ حصو بنجي ٿو. جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان هي علائقو 240 کان 280 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 670 کان 710 اوڀر ڊگھائي ڦاڪ جي وچ تي آهي. ٿر جي آبهوا اتر ۾ خشڪ ۽ ڏکڻ ۾ بنهه خشڪ آهي. اتر ۽ ڏکڻ ۾ وسڪارو مختلف وقتن تي ٿئي ٿو. هن علائقي ۾ هر ٽن چئن سالن کانپوءِ وڃي ڪو مينهن وسي ٿو ۽ هر اٺن ڏهن سالن کانپوءِ مڪمل خشڪ ساليءَ جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. گھٽ وسڪاري جي مند ۾ اها شرح اڃا به گھٽجي وڃي ٿي. (وڌيڪ ڏسو: ٿر، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو)

(2) نارو: ناري جو علائقو 22000 هم چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي، جنهن جو مٿانهون حصو سکر، خيرپور، نوابشاهه ۽ سانگھڙ ضلعن سان ملندڙ آهي. ٿر ۽ نارو سنڌوءَ جي کاٻي طرف آهن ۽ اهي سنڌ صوبي جي اڀرندي حد بنجن ٿا. (وڌيڪ ڏسو : اڇڙو ٿر)
(3) ڪوهستان: ڪوهستاني علائقو 23000 هم چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي ۽ سنڌ جي جملي زمين جو 4 سيڪڙو خشڪ آهي، جنهن ۾ دادو، لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جا حصا اچي وڃن ٿا. ماحولياتي حساب سان هي ’نيم گرم جابلو خطو‘ سڏجي ٿو ۽ گرم سامونڊي چراگاهه جو درجو رکي ٿو. ڪوهستان الهندي سرحد کان سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ تي ۽ ڏکڻ ۾ انڊس ڊيلٽا سان پکڙيل آهي.
هن علائقي ۾ 76 سيڪڙو ماڻهن جو مکيه ڌنڌو چوپايو مال ڌارڻ ۽ ڪڪڙيون پالڻ آهي. پاڻيءَ جي کوٽ سبب علائقي جا ماڻهو خشڪساليءَ سان سخت موسمي حالتن ۾ پنهنجي مال سميت سدائين سنڌوءَ جي سيلابي پٽن يا بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا رهن ٿا. گھڻي ڀاڱي خشڪ علائقن ۾ موجود چراگاهه، مال لاءِ 3/2 سيڪڙو تائين چارو مهيا ڪن ٿا. وسڪاري جي مند ۾ مقامي ماڻهو پوکي راهيءَ رستي گذرسفر ڪن ٿا. هن خشڪ علائقي جي گاهه واري زمين ڪيترن ئي سببن ڪري بيابان ۾ تبديل ٿي رهي آهي.
هي ٽيئي خطا (ٿر، نارو ۽ ڪوهستان) وسيع وارياسين ڀٽن تي پکڙيل آهن، جيڪي ڪٿي وارياسن دڙن ته ڪٿي خشڪ جبلن جي صورت ۾ موجود آهن. زمين عام طور غيرآباد آهي، ڇاڪاڻ ته تيز هوائن لڳڻ ڪري زمين جي کاڌ ٿيندي رهي ٿي. هنن علائقن ۾ سنهو جھنگ ۽ ٻوڙا ٿين ٿا، جڏهن ته ڪٿي ڪٿي ڪنڊي، ڄاڱري ٻير جا وڻ ۽ ٿوهر نظر اچن ٿا. هر سال گھٽ وڌ مينهن پوي ٿو، جڏهن ته ڪن هنڌن تي ساليانو سراسري وسڪارو 100 ملي ميٽر مس ٿئي ٿو. گھڻي ڀاڱي مينهن جولاءِ ۽ سيپٽمبر مهينن جي وچ ۾ رڳو ٻن ٽن ڏينهن تائين پوي ٿو. مينهن جو سمورو پاڻي خشڪ وارياسي زمين جذب ڪري ڇڏي ٿي. وسڪاري کانپوءِ گاهه اُڀري اچن ٿا ۽ تل ترايون ڀرجي وڃن ٿيون. فيبروريءَ کانپوءِ جڏهن خشڪيءَ/ سوڪهڙي جي شروعات ٿئي ٿي ته مال جو چارو ختم ٿي وڃي ٿو ۽ جر جو پاڻي به ختم ٿي ٻاڙو ٿي وڃي ٿو. سڄو سال مٺي پاڻيءَ جي اڻاٺ رهي ٿي ۽ هر نئين سال خشڪ سالي ٿئي ٿي.
سنڌ جو هي خشڪ علائقو شديد غربت، ڏکي رهائش ۽ زندگيءَ جي مشڪل حالتن جي ڪري پاڪستان جو وڌ ۾ وڌ سهوليتن کان محروم علائقو سمجھيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ وقت به وقت لاڳاپيل سرڪاري کاتا رهواسين کي سهوليتن ڏيڻ لاءِ ڪيتريون رٿائون شروع ڪن ٿا، پر انهن جو اثرائتو نتيجو نه ٿو نڪري.
سنڌ جي خشڪ علائقن جي ماحولياتي سرشتن جي پَٽن، ماڳن ۽ جنسن (species) ۾ گوناگونيت پڻ موجود آهي. ججهي مال چارڻ، زمين خراب ٿيڻ ۽ وقت به وقت خشڪ ساليءَ سبب هن علائقي جو ماحولياتي سرشتو ۽ جھنگلي جيوت سخت متاثر ٿين ٿا. ڪوهستان جا سرهه (Sindh Ibex)، ۽ گڍ (Asian wild sheep) ۽ ٿرپارڪر جا مورَ (Peacocks) ڪجھه اهڙا ساهوارا آهن، جيڪي هنن علائقن جي سڃاڻپ آهن. غير قانوني شڪارن ۽ بيمارين جي ڪري هنن ساهوارن جو وجود هن وقت خطري ۾ آهي.
آبهوا: سنڌ جي ٿر ۽ ڪوهستان جي آبهوا خشڪ، نيم گرم ۽ چوماسي آهي، جتي گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي ٿو. اونهاري ۾ گرمي پد جي وڌي وڃڻ جي ڪري حساس ۽ سنهين پاڙن جي سرشتن وارا ٻوٽا زندهه رهي نه ٿا سگھن. هنن علائقن ۾ خاص طور خشڪ موسم ۾ گھڻي گرميءَ جي ڪري وايومنڊل ۾ ڪڪر ۽ گھم تمام گھٽ ٿئي ٿي، جنهن جا ٻوٽن ۽ جانورن تي ڀيانڪ اثر پون ٿا. اونهاري ۾ ڪوهستان ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ سياري ۾ 30 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي وڃي ٿو. سراسري طور ساليانو وسڪارو 150 کان 200 ملي ميٽر ۽ اهو به گھڻي ڀاڱي اونهاري ۾ ٿئي ٿو. 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائون ڏکڻ - اولهه کان اتر - اولهه طرف گھلنديون رهن ٿيون. تيز هوائن جي ڪري زمين جي کاڌ سبب زمين جو مٿيون تهه سنهو ٿيندو رهي ٿو ۽ جبلن ۾ گھڻي ڀاڱي چُن ٿئي ٿو. اونهاري جي زور وٺڻ تي هنن ٻنهي خطن ۾ هوائون تيز گھلن ٿيون. اهڙين حالتن جي ڪري مينهن تي ٿيندڙ زراعت اڃا به ڏکي ٿي پوي ٿي. ٿر ۾ مئي ۽ جون مهينن ۾ 40 ڪ. م کان به مٿي في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائون لڳن ٿيون، جنهنڪري خاص ڪري پوکيءَ واري زمين ۽ گئوچرن/ چراگاهن جي زمين ۾ کاڌ ٿئي ٿي. اپريل يا مئي جي آخر تائين ۽ ڪڏهن جون ۾ هوائون گھلڻ جي رفتار 60 ميل في ڪلاڪ به ٿي وڃي ٿي. اهڙين حالتن ۾ فضا مٽيءَ ۽ واريءَ جي سنهيءَ دز سان ڀرجي وڃي ٿي. اهي هوائون اهڙن هنڌن ۽ واريءَ جي دڙن تي لڳنديون رهن ٿيون، جتي گئوچر ۽ چراگاهه آهن. ان ڪري اهڙن هنڌن تان پوکي راهي ۽ ساوڪ ختم ٿي وڃي ٿي.

نباتاتي نالو

انگريزي نالو

لوڪل نالو

سيريل نمبر

Euphotbia cauducifolia

Leafless Milk Hedge

ٿوهر

1

Tecoma undulata

Desert teak

روهيڙو

2

Cenchrus ciliaris

Buffel grass

ڌامڻ

3

Pannicum colonum

Pannicum Millet

سائون

4

Eleusine flagellifera

Indian finger millet

ڳنڍير

5

Sporobolus pyramidalis

Cats’ tail grass

پرهيو

6

Aeluropus villorus

Aeluropus/ Mangrove grass

ڪلر گاهه

7

Desmostachya bipinnata

Halfa grass/ Salt reed grass

ڊڀ

8

Prosopis cineraria

Prosopis

ڪنڊي

9

Pannicum colonum

Pannicum Millet

سائون

10

Acacia Senegalensis

Gum Acacia

ڪونڀٽ

11

Calligonum Polygonoids

Calligonum

ڦوڳ

12

Cenchrus bifloris

Indian Sandbur

ڀُرٽ

13

Eleusine flagellifera

Indian finger millet

ڳنڍير

14

Aristida depressus

Aristida

لنب

15

Salsola foetida

Saltwort

لاڻي

16

Calotropis procera

Madart

اڪ

17

Sorghum halepense

Johnson grass

ڳم

18

Ziziphus nummularia

Wild jujube

ڄاڱري ٻير

19

Cordia gharaf

Narrow Leaved Sepistan

ليار

20

Saccharum spontaneum

Thatch grass

ڪانهه

21

Cymbopogon jwar

Lemon Grass

پئي گاهه

22

Indigofera cassia

Cassia Indigo

نير

23

Acacia holosericea

Silver leaved wattle

سفيد ٻٻر

24

Acacia nilotica

Acacia

ٻٻر

25

Capparis aphylla

Capper

ڪرڙ

26

Alhalgi murorum

Camel thorn

ڪانڊيرو

27

Acacia jacquemontii

Twisted acacia

ٻاوري

28

Leptadenia reticulate/ Pyrotechnica

Jivanti

کِپ

29

Panicum turgidum

Turgid panic grass

مُرٽ

30

Salsola vermiculata

Wolrmleaf saltwort

لاڻو

31


ٿر ۾ ٿيندڙ وڻ ٻوٽا
ڪوهستان جي مختلف خشڪ علائقن ۾ ٿيندڙ وڻ ٻوٽا
غالب جنسون ماڳ
ڄاڱري ٻير Ziziphus nummularia
گگر Chrysopogon aucheri, Grewia sp High mountain range
(500-2170m)
ڪونڀٽ Open bush land/ Acacia Senegal
ليار Chrommiphora wighti مٿانهان جبل (2000-500 ميٽر)
ڊامڻ Lasiurus هيٺاهيون ٽڪريون (50-500ميٽر)
ٿوهر Euphorbia cauduciolia ڦاٽل مٿاڇرو (100-50 ميٽر)
ڪانهه Saccharum spantaneum گڏ ٿيل لٽ وارا هنڌ (200-100ميٽر)
ڪنڊي Prosopis cineria Lower foot slops (10-20m)
ٻٻر Wood land Acacia nilotica
لاڻي Salsola foetidia
ڳنڍير Eleusine flagelliforia Sedimentary plain (50-100 m)
ڪرڙ Capparis aphylla
ڪانڊيرو Alhalgi murorum
ڇٻر Cynodon dactylon ڪچي واري زمين وارا هنڌ
Alluvial Indus plain
(20-5m)
لئو Woodland and rivirene thickets, Tamarix aphylla
روهيڙو Tecoma undulate
ٻائوري Acacia jacquemotii
سر Saccharum munja نديءَ جي پيٽ ۽ نيڪال وارا هنڌ
River beds and drainage zones
(50-100m)
کپ Leptadenia pyrotechnica
ڦوڳ Calligonum polygonoides
مرٽ گاهه Panicum turgidum موجوده واريءَ جا دڙا
Recent sand dunes
سنڌ جي خشڪ علائقن ۾ ٿيندڙ مماليه (کير ڌارائيندڙ) جانورن جون اهم جنسون:
سنڌ جي خشڪ علائقن: ٿر، ناري ۽ ڪوهستان، خاص ڪري کيرٿر رينج، کيرٿر نيشنل پارڪ، لاڙڪاڻي، ڏکڻ ٿرپارڪر (ڀارت سان ملندڙ علائقي)، رڻ ڪڇ ۾ مماليه (کير ڌارائيندڙ) جانورن جون هيٺيون جنسون ٿين ٿيون:
(1) هرڻ Indian Gazelle/ Gazelle gazelle: ٿر، نارو، کيرٿر رينج ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ ٿئي ٿو.
(2) سرهه/Sindh lbex/ Capra agagrus: کيرٿر جبل ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ موجود ٿئي ٿو.
(3) گڊ/ Ovis vignei/ Urial, Asian Wild Sheep: کيرٿر رينج، کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ لاڙڪاڻي جي درٻاري جبل ۾ موجود ٿئي ٿو.
(4) روجهه Nilgir/ Boselaphus tregocamelus: ڏاکڻي ٿرپارڪر ۾ ٿئي ۽ ڀارت مان پڻ اچي. هي نسل اڻ لڀ آهي.
(5) گورخر/Asitic wild ass/ Equis Hemionus: رڻ ڪڇ ۽ ٿر ۾ ٿئي. هي جانور اڻ لڀ ٿيندو وڃي.
(6) سيڙهه/Indian crosted porcupine/ Hystrix indica: ٿر، ناري ۽ ڪوهستان ۾ عام جام آهي.
(7) سهو/ Indian Hera/ Lopus migrcollis davanus: ٿر (خاص ڪري مٺي، ڏيپلي تعلقن) ۽ ڪوهستان ۾ عام آهي.
(8) ڇلو مرون Indian panbgolin/Manis Crassicaudata: ڪوهستان ۾ ٿيندو آهي، پر هن وقت اڻلڀ آهي.
(9) بگھڙ/Indian wolf/ Canis lupus pallipea: کيرٿر رينج ۽ ٿر ۾ ٿئي ۽ اڻ لڀ جنس آهي.
(10) چيتو Panther or Leopard/ Panthera pardus: ڪوهستان ۾ ٿئي ۽ اڻ لڀ آهي.
(11) گدڙ Jackal/ Canis aurius: ٿر، ناري ۽ ڪوهستان ۾ عام ٿئي.
(12) لومڙ/ Desert Fox / Vopus Vulpus pusilla: ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ٿئي ۽ اڻ لڀ ٿيندو وڃي.
(13) کٿوري ٻلو/Wild cat / Verricula India: ٿر ۾ ٿئي، اڻلڀ جنس آهي.
(14) نور/ ommon mangoose / Herpestes edwardsi: نور ٿرپارڪر ۾ ٿئي، پر هن وقت اڻ لڀ آهي.
(15) چراخ/Striped Hyene/ Hyene: ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ٿئي، اڻ لڀ آهي.
(16) جھنگلي ٻلو/ Desert Cat/ Felis libyca: ٿرپارڪر ۾ ٿئي ۽ اڻلڀ آهي.
(17) ڳورپٽ/ Honey Badger / Mellivora capensia: کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ ٿئي، اڻ لڀ آهي.
(18) جهنگلي سوئر/ Wild Boar/ Sus scrofa: نارا ڊويزن ۾ عام آهي.

سنڌ جون جاگرافيائي حـدون (مختلف دَورن ۾)
(Geographical Boundaries of Sindh):
تاريخ جي مختلف دورن ۾، سنڌ ملڪ جون جاگرافيائي حدون مختلف پئي رهيون آهن.
جهڙيءَ ريت سنڌو سڀيتا وسعت اختيار ڪئي، اهڙيءَ ريت دنيا جي ڪنهن به تهذيب، پنهنجي مرڪز مان اُسري، پرامن نموني هڪ وڏيءَ سلطنت جو روپ نه ورتو آهي. سنڌو تهذيب هڪ هزار ورهين ۾ 15 لک چورس ميلن تي مشتمل پنهنجي سلطنت قائم ڪئي.
هڪ وڏي سنڌشناس (Sindhiologist) ايس. آر. رائو پنهنجيءَ تحقيق ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حدن جو ذڪر ڪندي، ان کي چئن پرڳڻن تي مشتمل ڏيکاريو آهي:
(1) سنڌو سلطنت جو مرڪزي پرڳڻو (Central Province of Indus Enpire): هي پرڳڻو موجوده سنڌ ۽ پنجاب واري زرخيز ميداني علائقي تي ٻَڌل هو.
(2) سنڌو سلطنت جو اولهندو پرڳڻو (Western Province of Indus Empire): هن پرڳڻي ۾ بلوچستان، مڪران، خيبر ۽ بولان لڪ واري علائقي سان گڏ آڪس ماٿريءَ (Oxus Valley) وارو اتر- اولاهون علائقو به شامل هو، جنهن مان تازو سنڌو تهذيب جا ڇهه ماڳ لڌا ويا آهن.
(3) سنڌو سلطنت جو اڀرندو پرڳڻو (Eastern Province of Indus Empire): هن پرڳڻي ۾ گهگهر ندي (سرسوتي)، چتانگ نديءَ واري ماٿري ۽ ستلج وارو مٿيون سڄو علائقو، گنگا، جمنا جي وادي، موجوده هرياڻا (اوڀر پنجاب)، اولهه راجسٿان، اتر پرديش (يو. پي) جو ميرٺ وارو ضلعو ۽ سڄو ڄمون (ڪشمير) وارو علائقو شامل هو.
(4) سنڌو سلطنت جو ڏاکڻيون پرڳڻو (Southern Province of Indus Empire): هي پرڳڻو ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ واري اپٻيٽ ۽ ڏکڻ گجرات واري جابلو مٿانهين ليٽائين پٽ ۽ کنڀات نار تائين پکڙيل هو.
راءِ دَور (500-640ع) ۾ سنڌ جون حدون: هن دوَر ۾ سنڌ جون سرحدون ڪشمير کان وٺي سمنڊ تائين پکڙيل هيون. هن دَور ۾ راجسٿان ۽ ڪڇ سنڌ سلطنت ۾ شامل هئا. نامور محقق ۽ اديب ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ لکي ٿو ته، ”راءِ گهراڻي جو باني راءِ ڏياچ (ڏيواجي) هو. سندس پونيرن وٽ هڪ وڏي سلطنت هئي، جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، سرحد جا ڪي حصا، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ شامل هئا. ان جا انتظامي مرڪز برهمڻ آباد، سيوستان، اسڪلنده، ملتان، ڪيڪانان وغيره هئا، جڏهن ته راءِ گهراڻي جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ هو.
برهمڻ دَور (640 - 712ع) ۾ سنڌ جون حدون: برهمڻ دَور ۾ به سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ هو. هن دؤر ۾ سنڌ جون جاگرافيائي حدون،
راءِ گهراڻي کان ڪافي وڌي ويون. راجا ڏاهر، راجسٿان کي پنهنجي اثر هيٺ آندو، جتان جا راڄواڙا/ راڄ، سماٽ/ سمراٽ راڄ هئڻ ڪري سندس مخالف هئا. هن دؤر ۾ سنڌ جا چار وڏا پرڳڻا هئا، جن ۾ پهريون پرڳڻو سنڌونديءَ جي اڀرندي ڪپ وارو هو، جنهن ۾ نيرن ڪوٽ، برهمڻ آباد ۽ ديبل جهڙا شهر شامل هئا. ٻيو الهندو پرڳڻو هو، جنهن ۾ سيوستان، ٻُڌيه، چنڪات (چانڊڪا)، ڪوهه پايه ۽ روجهاڻ شهر شامل هئا. هن پرڳڻي جون سرحدون مڪران جي ساحل تائين پکڙيل هيون. ٽئين پرڳڻي ۾ اسڪلنده، ڀاٽيه، ڪتال واڙ ۽ چچ پور جا شهر شامل هئا. جڏهن ته چوٿون پرڳڻو ملتان هو، جنهن ۾ سڪه، برهمپور، ڪروڙ، ڪمڀا ۽ ٻيا شهر موجود هئا. هن پرڳڻي جون حدون ڪشمير تائين پکڙيل هيون.
عرب دَور (712- 1010ع) ۾ سنڌ جون حدون: عرب دَور ۾ سنڌ ملڪ پنجن ولايتن ۾ ورهايل هو، جن ۾ ملتان، منصوره، ڪزدار (خضدارتوران ۽ مڪران شامل هئا. هرهڪ تي جدا جدا حاڪم مقرر هئا. اهڙي انتظامي جوڙجڪ جو احوال ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي ڪتاب ’تاريخ سنڌ- عرب دَور‘ ۾ ڏنو آهي. عرب دَور حڪومت ۾ سنڌ جون جاگرافيائي حدون ذري گهٽ ساڳيون رهيون، پر جدا جدا حاڪمن جي ڪري سنڌ جي ايڪتا تي اثر ضرور پيو. بنو اميه ۽ بنو عباس جي دورن ۾ سنڌ ۾ ڪا خاص خوشحالي نه رهي، مڪاني عرب خاندان، هبارين جي اقتدار سنڀالڻ شرط سنڌ مان سوڪهڙو ختم ٿيو ۽ سنڌونديءَ ۾ جهجهو پاڻي اچڻ ڪري زرعي ترقيءَ سبب سنڌ خوشحال ٿي.
سومرا دَور (1010-1350ع) ۾ سنڌ جون حدون: سومرن سنڌ تي لڳ ڀڳ 340 ورهيه حڪومت ڪئي. هن تاريخي دَور جو انتظامي تفصيل گهٽ ملي ٿو. هن دؤر ۾ سنڌ جون حدون ملتان تائين پکڙيل رهيون. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي موجب: سومرن جي دؤر ۾ سنڌ جي حڪومت لاڙ ۽ وچولي تائين قائم هئي ۽ اهو سلسلو لاهري بندر کان سيوهڻ تائين ثابت آهي.
سما دَور (1350-1520ع) سنڌ جون حدون: سمن جو حڪومتي دَور 170 سالن تي ٻَڌل آهي، سما حاڪمن مان ڄام نندي جي دَور ۾ ’سما سلطنت‘ پنهنجي وسعت جي انتها کي پهتي، ٿر جو علائقو، اُچ، سبي ۽ لسٻيلو سنڌ ۾ شامل هئا. ان مان وسهڻ ۾ اچي ٿو ته سمن ذري گهٽ راءِ گهراڻي واري سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي هئي.
ارغون، ترخان ۽ مغل دَور (1520-1700ع) ۾ سنڌ جون حدون: ارغون دور کانپوءِ سنڌ جي انتظامي وحدت ۽ ايڪتا کي ڇيهو رسيو. ڇاڪاڻ ته بکر سرڪار ترخانن کان ونءُ ويندي هئي ۽ ان دهليءَ جي مغلن سان ويجهڙائپ ڏيکاري، جنهنڪري سنڌ انتظامي طرح ڏکڻ ۽ اتر سنڌ ۾ ورهايل رهي، ۽ اهو سلسلو مغل دَور 1736ع تائين جاري رهيو، جيستائين ڪلهوڙن جي حاڪم ميان آدم شاهه (شهيد) 1700ع ۾ اتر سنڌ جون واڳون مغلن کان ورتيون. 1736ع ۾ آخري مغل نواب صادق علي خان کانپوءِ سنڌ ڪلهوڙن جي حڪمراني هيٺ انتظامي وحدت حاصل ڪئي. سنڌ جون جاگرافيائي حدون ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ وڌي سبي، ڪڇي ۽ ڍاڍر تائين پهتيون. ڪلهوڙا حڪومتي دور (1700-1781ع) ۾ سنڌ جون حدون: هن دور ۾ سنڌ جون جاگرافيائي حدون بهاولپور رياست، ڪڇ، راجسٿان ۽ سبزل ڪوٽ تائين رهيون. هن دور ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي صدين کان ٻن حصن ۾ ورهايل سنڌ کي هڪ ملڪ جي حيثيت ڏياري. ٽالپر دَور (1781-1843ع) ۾ سنڌ جون حدون: ٽالپرن جي حڪومتي دَور ۾ سنڌ جون جاگرافيائي حدون بهاولپور رياست ۽ سبزل ڪوٽ تائين رهيون، باقي صورتحال ذري گهٽ ساڳي موجوده سنڌ واري هئي. انگريز دَور (1843-1947ع) ۾ سنڌ جون حدون: هن دؤر ۾ سنڌ جا بهاولپور رياست وارا ڪجهه حصا، انگريزن بهاولپور جي نواب جي حوالي ڪيا ۽ ان لاءِ انگريزن جو ٽالپرن تي دٻاءُ به برقرار رهيو. هن دَور ۾ سنڌ جون جاگرافيائي حدون ذري گهٽ اڄوڪيءَ سنڌ واريون ئي هيون.


لفظ سنڌ جي جاگرافيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو